اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ پاڪستان چين ۽ آمريڪا وچ ۾ پُل جو ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو.
بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته موجوده ورڇ کي وڌائڻ بدران گھٽائي سگھون ٿا.
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو جرمني ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته سي پيڪ منصوبو انتھائي اھم آھي.
آمريڪا پاران ڀارت کي چين جي مقابلي ۾ آڻڻ تي خطي ۾ طاقت جو توازن بگڙي رهيو آهي.