رياض (انٽرنيشنل ڊيسڪ) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان سان آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو جي ملاقات.
ملاقات ۾ غزا جنگبندي معاهدي ۽ فلسطين مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ، روس – يوڪرين روڪڻ بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن غزا ۾ اهڙي انتظام جي اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي جيڪا علائقائي سلامتي ۾ مددگار ٿيندي.