اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي ڪورٽن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽراڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي.
درخواست گذارن جي وڪيل سلمان اڪرم راجا جا دليل ڏيندي چيو ته هو اڄ پنهنجا دليل مڪمل ڪندو،
ان ڪري هو جيڪو چوڻ چاهي ٿو، چوڻ ڏي، سويلينز جا بنيادي حق ختم ڪري ڪورٽ مارشل نٿو ڪري سگهجي.
جسٽس جمال مندوخيل وڪيل سلمان اڪرم راجا کي چيو ته اڌ ڪلاڪ ۾ دليل مڪمل ڪريو ته وڌيڪ سٺو ٿيندو.