تازہ ترین

ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو قاتل سندس هنج ورتل پٽ نڪتو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نالي واري شاعري، اديب ۽ ليکڪ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جو قاتل سندس هنج ورتل پٽ نڪتو.

جوابدار وشال لطيف پوليس آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو، ايس ايس پي حيدرآباد تصديق ڪري ڇڏي.

ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار چيو آهي ته آڪاش انصاري جو موت اتفاقي حادثو نه پر قتل آهي.

آڪاش انصاري جي قتل ۾ سندس پٽ ئي ملوث آهي، وشال لطيف تيز ڌار خنجر سان ڊاڪٽر آڪاش انصاري کي قتل ڪري بعد ۾ سندس لاش ساڙيو.

جنھن خنجر سان ڊاڪٽر آڪاش کي قتل ڪيو ويو، پوليس اھو خنجر به جوابدار جي نشاندهي تي ھٿ ڪري ورتو آھي.وشال لطيف پيءُ کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي.

ان کان اڳ ڊي آءِ جي حيدرآباد صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻول ڪندي چيو هو ته آڪاش انصاري ڪيس ۾ هن وقت تائين ٿيل جاچ ۽ پوسٽ مارٽم مان اها ڳالھه واضح ٿي آهي ته آڪاش انصاري ءَ کي قتل ڪيو ويو، قاتل سندس هنج ورتل پٽ وشال لطيف ئي آهي.

ڊي آءِ جي حيدرآباد جو چوڻ هو ته آخري پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو، جيڪڏهن وارثن ڪيس داخل نه ڪرائيندا ته سرڪار ئي فريادي بڻجندي. ڊي آءِ جي حيدرآباد جو وڌيڪ چوڻ هوته ڊاڪٽر آڪاش انصاري سنڌ جو ناليوارو شاعر، ليڪک ۽ اديب هو، جنهن جي قاتل کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.