ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏيل قومن جي فنڊ فار پاپوليشن ايڪٽوٽيز وفد جي ملاقات.
قومي مالياتي ڪميشن کي غير سياسي بڻائڻ ۽ رڳو ٽيڪنوڪريٽ مقرر ڪرڻ جي تجويز.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ستين اين ايف سي ايوارڊ ۾ پهريون ڀيرو وسيلن جي ورڇ لاءِ مختلف معيار اختيار ڪيا ويا.
2008ع کان پيپلز پارٽيءَ جو اهو موقف آهي ته سيلز ٽيڪس مڪمل طور صوبا اوڳاڙين.
ملڪ ۾ وسيلن جي برابر ورڇ، غربت جي خاتمي ۽ ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ اين ايف سي ايوارڊ جو فارمولو طئي ڪيو وڃي.