ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ پاران ماڊل ٿاڻن جي خوبصورتي ۽ مرمت جا ڪم جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، اجلاس دوران پوليس جي اعليٰ آفيسرن کي هدايتون جاري ڪيون ويون.
آءِ جي سنڌ چيو ته سڀني ماڊل پوليس اسٽيشنز ۾ خوش اخلاق، ٿڌي مزاج ۾ گفتگو ڪندڙ، عوام دوست ۽ تجربيڪار اسٽاف مقرر ڪيو وڃي.
آءِ جي سنڌ پاران هدايتون جاري ڪندي چيو ته ٿاڻن ۾ خوشگوار ماحول ۽ صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکيو وڃي.
غلام نبي ميمڻ چيو ته رمضان جي آمد کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا وڃن.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ اجلاس دوران عادي ڏوهارين ۽ مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون