تازہ ترین

اڪيلي لک عورتن برابر آهيان: راکي ساونت مفتي قويءَ جي شادي جي آڇ ٿڏي ڇڏي

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) ڀارتي ڊانسر ۽ اداڪارا راکي ساونت مفتي قويءَ کي چيو آهي ته توهان مون کي سنڀالي نه سگھندا.

راکي ساونت تازو ئي پاڪستاني جي مفتي عبدالقويءَ جي شاديءَ جي آڇ جي ڪري خبرن ۾ رهي، مفتي قويءَ هڪ پوڊڪاسٽ ۾ راکي ساونت سان شاديءَ جي مشروط خواهش جو اظهار ڪيو هو.

راکي ساونت مزاحيه انداز ۾ جواب ڏيندي چيو ته هوءَ مولانا سان شادي جي خواهشمند آهي ۽ هن مفتي قويءَ کان شاعريءَ جي فرمائش ڪئي هئي.

راکي ساونت خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته ”مان مفتيءَ سان شادي جي باري ۾ سنجيده ناهيان.“

هن چيو ته مون کي خبر ناهي ته مفتي قويءَ جون 100 گھر واريون آهن يا 900 پر مان اڪيلي ئي هڪ لک عورتن جي برابر آهيان ۽ مفتي قوي مون کي سنڀالي نه سگھندو.

ڀارتي اداڪارا چيو ته مان اڃا تائين سچي محبت جي ڳولا ۾ آهيان، مون کي ڀارت مان سچو پيار نه مليو، منهنجي پويان ڇوڪرا پيا آهن پر سڀ مون کي ڏاڪڻ بڻائين چاهين ٿا.

هڪ سوال جي جواب ۾ راکي ساونت چيو ته جڏهن مودي پاڪستان اچي سگھي ٿو ته مان ڇو نٿي اچي سگھان؟ جڏهن زال مڙس راضي ته ڇا ڪندو قاصي؟

راکي ساونت هانيه عامر جي تعريف ڪندي چيو ته هانيه عامر مون کي پسند آهي ۽ هوءَ هڪ سٺي ۽ شريف ڇوڪري آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.