ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي اميگريشن سرڪل ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي شهرين کي سمنڊ رستي يورپ موڪليندڙ هڪ مضبوط گينگ کي وائکو ڪري ڇڏيو.
ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته موريطانيه کان ڪراچيءَ پهچندڙ 5 مسافرن کان پڇاڳاڇا جاري آهي، مسافرن جو تعلق حافظ آباد، گجرانوالا ۽ سوات سان آهي.
ترجمان موجب ايجنٽن يورپ جي لاءِ مسافرن کان 25 ۽ 35 لک رپين ۾ معاملا طئي ڪيا، شروعاتي جاچ موجب مسافر دبئي، سعودي عرب ۽ قطر رستي موريطانيه پهتا ۽ موريطانيه پهچڻ تي ايجنٽن مسافرن کي غير قانوني طور يورپ موڪلڻ جي ڪوشش ڪئي.
ايف آءِ اي ترجمان موجب مسافرن سمنڊ رستي غير قانوني سفر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ واپس موٽي آيا، مسافرن کي ايجنٽن جي نشاندهيءَ جي لاءِ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام واري سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو.
ايف آءِ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته غير قانوني سفري دستاويزن جي سخت جاچ پڙتال جاري آهي، ايجنٽن ۽ انهن جي سهولت ڪارن جي خلاف بنا رعايت ڪارروايون ڪيون پيو وڃن.