ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت پاران سيوهڻ روڊ تي ٿيندڙ حادثن جو ذميوار وفاق قرار.
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پنجاب حڪومت سيوهڻ حادثي تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير غير ذميواراڻو بيان ڏنو، جنهن روڊ جي ڳالهه ڪئي وئي، ان کي ٺاهڻ جي ذميواري اين ايڇ اي جي آهي.
سکر ۽ حيدرآباد موٽر وي نه ٺهڻ سبب روڊ حادثا ٿي رهيا آهن، لڳي ٿو ته وزيراعليٰ پنجاب کي حقيقتن جي خبر ئي نه آهي.
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا سان ڳالهيندي چيو ته سيوهڻ واري روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ وفاقي حڪومت جي نااهلي آهي.
سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي روڊ ٺهرائڻ لاءِ 7 ارب رپيا ڏنا هئا، جيڪڏهن وفاق کي سيوهڻ وارو روڊ ناهي ٺهرائڻو ته ٻڌائي ڇڏي.