ميڊرڊ (انٽرنيشنل ڊيسڪ) پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته اڄ ملڪ جو نوجوان مايوس آهي، جنهن جو وڏو سبب پي ٽي آءِ بانيءَ آهي.
ملڪ کي باني پي ٽي آءِ جِي نفرت ۽ ورهاڱي واري سياست کان پاڪ ڪرڻو پوندو، فيصلو ڪرڻو پوندو ته ملڪ کي ڪيئن هلائڻو آهي.
پيپلزپارٽي جَي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جون جرمني ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هِن وقت ملڪ مختلف چئلنجز کي منهن ڏئي رهيو آهي.
فرانس ۾ اي آءِ ڪانفرنس ٿي، جتي دنيا ٽيڪنالاجي تي ڳالهايو، اسان پنهنجن نوجوانن کي ڊجيٽل دور لاءِ تيار نه پيا ڪيون، مقصد ماڻڻ لاءِ مسئلن جو حل ڳولڻو پوندو.