لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جِي رنگا رنگ افتتاحي تقريب ٿوري دير بعد لاهور ۾ ٿي رهي آهي.
لاهور جي شاهي قلعي کي ڪنوار جيان سينگاريو ويو، پاڪستان 29 سالن بعد آءِ سي سي ايونٽ جِي ميزباني ڪري رهيو آهي.
افتتاحي تقريب ۾ آءِ سي سي ۽ پي سي بي انتظاميا، ڪرڪيٽرز ۽ اهم شخصيتون شرڪت ڪنديون، ڪرڪيٽ ليجنڊز جِي پئنل ڊسڪشن به ٿيندي،ناليوارو راڳي عاطف اسلم چيمپيئنز ٽرافي جو آفيشل ترانو ڳائيندو.