اسان ڪامريڊن جيان وڙهندا آهيون، اسان لاءِ پاڪستانيت سڀ کان اهم آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته اسان پنهنجي مذهب ۽ تهذيب تي فخر ڪيون ٿا ڪڏهن به خارجي فتني کي پنهنجي فرسوده سوچ پاڻ تي مڙهڻ نه ڏينداسين.

آرمي چيف جنرل عاصم منير سان سموري پاڪستان جي يونيورسٽين کان آيل شاگردن ملاقات ڪئي.

ان موقعي تي آرمي چيف جو چوڻ هو ته پاڪستاني عوام خاص طور تي نوجوانن جو پاڪ فوج سان هڪ مضبوط رشتو آهي، ملڪ دشمن عنصر فوج ۽ عوام جي وچ ۾ ڏار وجھڻ جي ڪوشش هميشه ناڪام رهي آهي ۽ رهندي، جيستائين قوم خاص طور نوجوانن سان گڏ بيٺا آهيون پاڪ فوج ڪڏهن به نه هارائيندي، اسان ڪامريڊن جيان وڙهي رهيا آهيون، اسان جي لاءِ پاڪستانيت سڀني کان اهم آهي.

سربراهه پاڪ فوج جو چوڻ هو ته اسان کي پنهنجي مذهب، تهذيب ۽ روايتن تي فخر آهي، هي خارجي فتني وارا ڪهڙي شريعت ۽ دين جي ڳالهه ڪري رهيا آهن؟ اسان ڪڏهن به خارجي فتني کي پنهنجي فرسوده سوچ ملڪ تي مڙهڻ نه ڏينداسين.

جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته خيبرپختون خوا ۽ بلوچستان جا غيرتمند ماڻهو دهشتگردن خلاف لوهي ڀِت جيان بيٺل آهن.

پاڪ فوج جي سربراهه جو چوڻ هو ته آرمي اڄ به خارجي فتني سان روزانون جي بنياد تي وڙهي رهي آهي، اسان مذهب جي انهن جي تشريح سان متفق نه آهيون. اسلام دنيا ۾ سڀ کان پهريون مذهب آهي جنهن عورت کي عزت ڏئي آسمان تائين پهچايو، ڀلي هڪ عورت ڇو نه ماءُ هجي، گھر واري هجي يا ڀيڻ هجي، ڪنهن به ڪردار ۾ اسلام عورت کي عزت ڏني آهي.

آرمي چيف جو چوڻ هو ته خارجي فتني وارا ڪير ٿيندا آهن انهن کان ان مقام کي کسڻ وارا؟ توکي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي؟ ان کان ڪير به اهو کسي نٿو سگھي، اسان ان قسم جي گمراهه گروهه کي ڪڏهن به پنهنجي ملڪ تي پنهنجي اقتدار تي مڙهڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

آرمي چيف چيو ته اسان خارجي فتني جي فسادين سان وڙهي رهيا آهيون، هي عنصر اسلام جي غلط تشريح ڪري رهيا آهن، خارجي عنصر اسلامي تعليمات جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، فسادين جي باري ۾ اسلام جا احڪام تمام واضح آهن، رياست جي سامهون هٿيار ڦٽا ڪرڻ وارا رحم جي اميد ڪري سگھن ٿا.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

Weltweite Nachrichten in Echtzeit – Ihr Zugang zu den wichtigsten Ereignissen

Unser Unternehmen hat sich darauf spezialisiert, die bedeutendsten Nachrichten aus aller Welt in Echtzeit zu liefern. Mit einem Team aus erfahrenen Journalisten, Redakteuren und Analysten stellen wir sicher, dass unsere Nutzer jederzeit Zugriff auf präzise, aktuelle und umfassend recherchierte Informationen haben. Unser Ziel ist es, Transparenz zu schaffen und Menschen zuverlässig über die Ereignisse zu informieren, die unsere Welt bewegen.

Wir bieten eine breite Palette an Leistungen: von Live-Tickern und Eilmeldungen über tiefgehende Hintergrundberichte bis hin zu exklusiven Interviews mit Experten. Dabei legen wir besonderen Wert auf Objektivität, Schnelligkeit und eine benutzerfreundliche Darstellung, damit unsere Leser die relevanten Informationen sofort erfassen können.

In Kooperation mit Partnern wie https://n1-bet.app/ setzen wir auf moderne digitale Technologien, die eine reibungslose Übermittlung von Nachrichten ermöglichen. Unsere Plattform ist darauf ausgelegt, Informationen effizient zu verbreiten und gleichzeitig die Interaktion mit den Nutzern zu erleichtern.

Nachhaltigkeit bedeutet für uns, langfristiges Vertrauen aufzubauen: Wir investieren kontinuierlich in Qualitätsjournalismus, unabhängige Recherchen und transparente Arbeitsweisen. So schaffen wir eine Nachrichtenquelle, die nicht nur informiert, sondern auch Orientierung bietet.

Mit unserer Leidenschaft für präzise Informationen und unserem Engagement für journalistische Integrität sind wir Ihr verlässlicher Partner in einer sich ständig wandelnden Welt. Bei uns erhalten Sie Nachrichten, die zählen.

Mit uns bleiben Sie immer einen Schritt voraus – informiert, aktuell und unabhängig.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.