ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت انفلوئنزا بيماري کان بچاءُ لاءِ ماسڪ پائڻ ۽ وٿي رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
انفلوئنزا سڄي دنيا ۾ پکڙجي پئي، مريض کي بخار ۽ ڳلي ۾ خارش ٿيندي آهي، جنهن جو اثر گهٽ ۾ گهٽ 10 ڏينهن رهندو آهي.
احتياط نه ڪيو ويو ته انفلوئنزا ڦڦڙن کي متاثر ڪندو آهي، شهري ماسڪ پائن ۽ هڪ ٻئي کان فاصلو رکن.
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڪابينا اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي چيو ته بنا لائسنس جي گاڏي هلائيندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو.
سومر کان هٿيارن جي نمائش تي سختيءَ سان پابندي هوندي.
ايڪٽ تحت ٽريفڪ حادثي ۽ گولي لڳڻ سبب زخمي شهري خانگي اسپتال مان علاج ڪرائي سگهندو، جنهن جو خرچ حڪومت برداشت ڪندي.
والدين ننڍي عمر جي ٻارڙن کي گاڏيون هلائڻ نه ڏين، گاڏي رجسٽريشن بنا شوروم کان ٻاهر نه آندي وڃي، ڪا به گاڏي رجسٽريشن بنا نظر آئي ته ضبط ڪئي ويندي.