اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فرخ حبيب ۽ حماد اظهر کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع.
اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پي ٽي آءِ قيادت خلاف جڊيشل ڪمپليڪس حملي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
عدالت فرخ حبيب ۽ حماد اظهر کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جو باني جيل ۾ آهي.
ان حوالي سان هو اڄ لاڳاپيل وزارت کي خط لکندو، جنهن ۾ جيل ٽرائل بابت لکندو.