چولستان (نيشنل ڊيسڪ) پنجاب ۾ زراعت کي جديد بڻائڻ جو انقلاب اچي ويو، هارين کي سمورييون زرعي سهولتون هڪ ڇت هيٺ فراهم ڪرڻ جو منصوبو شروع.
چولستان ۾”گرين پاڪستان“ منصوبي جي شروعات تي ڪنڊائي ۽ شاپو جي علائقن ۾ منصوبن جي افتتاحي تقريب رٿي وئي.
گرين مال اينڊ سروس ڪمپني، اسمارٽ ايگري فارم، زرعي تحقيق ۽ سهولت مرڪ جو افتتاح به ڪيو ويو.
تقريب ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف به شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته پنجاب پاڪستان جو زرعي پاور هائوس بڻجي ويو آهي، جديد زراعت ۾ پنجاب صوبو ۽ هتان جي هارين جو قائداڻو ڪردار تعريف جوڳو آهي.
آرمي چيف جنرل عاصم منير ٿورڙي وقت ۾ پنجاب حڪومت جي گرين ڪارپوريٽ منصوبي جي تحت ڪاوشن ۽ حاصل ٿيندڙ ڪاميابين جي ساراهه ڪئي.
آرمي چيف چيو ته گرين ڪارپوريٽ منصوبي تحت ٿورڙي وقت ۾ اهڙيون ڪاميابيون حوصلو ڏيندڙ آهن ۽ ترقيءَ جي خوشخبري آهن، پاڪ فوج ملڪ جي معاشي ترقي جي عمل ۾ ڀرپور حمايت جاري رکندي.