اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته چين ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ناهي ڪندو، چين جي ترقي سان ڪنهن کي ڪو به خطرو نه آهي.
چين جي دوري دوران صدر آصف زرداري جو چيني سرڪاري ميڊيا کي انٽرويو دوران سندس چوڻ هو ته چين جي ترقي دنيا لاءِ هڪ هاڪاري قدم آهي.
ڪجهه ڏهاڪن ۾ چين جي تيز رفتار ترقي ۽ تبديلي ڏاڍو متاثر ڪيو، چين جي ترقي هاڪاري اڳڀرائي آهي، جنهن کان ڊڄڻ جي ضرورت ناهي.