ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت ناڪارا گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو.
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ موٽر گاڏين جي انسپيڪشن بابت اهم اجلاس ٿيو، سنڌ ۾ ايم وي آءِ سينٽرز جي قيام کي تيز ڪرڻ جون هدايتون.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته وڏي وزير گاڏين جي رجسٽريشن بابت واضح هدايتون جاري ڪيو آهن.
ايم وي آءِ سسٽم کي هڪ مهيني اندر مڪمل فعال ڪيو وڃي، ڊمپر، ٽرڪ، بس ۽ ٽرالر سميت ڳري گاڏين جي چڪاس لازمي آهي.
ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ ايم وي آءِ سائيٽون قائم ڪيا ويندا.
ٽرانسپورٽ جي شعبي کي جديد بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، فٽنيس سرٽيفڪيٽ کان سواءِ گاڏين خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.