ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ميچ ۾ نيوزيلينڊ پاڪستان کي شڪست ڏئي ڇڏي.
شاهين شاندار ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيا، پوري ٽيم 242 رنس آئوٽ ٿي وئي.
گرين شرٽس پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ ڪيويز کي 243 رنسن جو هدف ڏنو.
نيوزيلينڊ جي ٽيم 243 رنسن جو هدف 5 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.
ڊيرل مچل 57، ٽام ليٿم 56 ۽ ڊيون ڪونوي 48، ڪين وليمسن 34 اسڪور ڪيو.
محمد رضوان 46، سلمان علي آغا 45، بابر اعظم 29 ۽ فخر زمان 10 رنس ٺاهيون.