اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي ست نون ججن قسم کڻي ورتو.
چيف جسٽس، جسٽس يحيٰ آفريدي ڇهن مستقل ۽ هڪ وقتي جج کي حلف کڻايو.
تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج محسن اختر ڪياني ۽ اٽارني جنرل جي شرڪت ڪئي.
جسٽس سرفراز ڊوگر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس طور قسم کڻي ورتو، صدر آصف علي زرداري جسٽس سرفراز ڊوگر کي قسم کڻايو.
تقريب ۾ ججن، وڪيلن ۽ حڪومتي شخصيتن جِي شرڪت ڪئي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جُنيد غفار به عهدي جو قسم کڻي ورتو.
گورنر ڪامران ٽيسوري وقتي چيف جسٽس کي قسم کڻايو، تقريب ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جا جج، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل شريڪ ٿيا.