تازہ ترین

ترڪيه جا سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته ترڪيه جا سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا خواهشمند آهن.

ترڪيه صدر رجب طيب اردگان طرفان پاڪستان جي دوري دوران 24 معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون.

هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو ته ترڪيه صدر، وزيراعظم ۽ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي،

ٽنهي اڳواڻن ۾ ملاقاتن دوران واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي هٺي وٺرائڻ تي زور ڏنو ويو.

ترڪ صدر قبرص جي معاملي تي پاڪستان جي حمايت تي ٿورا مڃيا.

ڪشمير مسئلو گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي، پاڪستان دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.