چشمه (نيشنل ڊيسڪ) عالمي ايٽمي انرجي ايجنسيءَ پاڪستان جي ايٽمي توانائي پروگرام کي دنيا جو ڪامياب ترين پروگرامن قرار ڏئي ڇڏيو.
آءِ اي اِي اي جي ڊائريڪٽر رافيل ماريانو گروسي پاران چشمه پاور پلانٽ يونٽ 5 جو دورو ڪيو.
رافيل ماريانو گروسي ريڊيو ايڪٽو جي باقيات کي باهه ڏيڻ واري مشين جو افتتاح پڻ ڪيو.
عالمي ايٽمي انرجي ايجنسي جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جو ايٽمي توانائي پروگرام دنيا جي ڪامياب ترين پروگرامن مان هڪ آهي.
ايٽمي توانائي ذريعي پائيدار ۽ گهٽ ڪاربن واري بجلي پيداوار ڪرڻ طرف وڌڻ گهرجي.