اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سينيٽ مان 3 اهم بل منظور ڪيا ويا جن ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جو ترميمي بل 2025ع، انساني اسمگلنگ ۽ پنڻ لاءِ پرڏيهه وڃڻ تي سزا ۽ ڇوڪرين کي ڪڌي ڪم لاءِ پرڏيهه موڪليندڙن کي سزائون ڏيڻ جا بل منظور ڪيا ويا.
قانون واري وزير، اعظم نظير تارڙ ٽئي بل ايوان ۾ پيش ڪيا.
سندس چوڻ آهي ته انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي بل ۾ سزائن کي وڌايو آهي، ٻيڙين ٻڏڻ جا حادثا ٿيا، ساک ته اسان جي متاثر ٿي آهي.
ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي اسمگلنگ جو سنگين مسئلو آهي.