تازہ ترین

سوچ کي لفظن ۾ بدلائڻ واري ٽيڪنالاجي تيار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪيليفورنيا (انٽرنيشنل ڊيسڪ) انٽرنيٽ ٽيڪنالاجي ڪمپني ميٽا هڪ اهڙي ٽيڪنالاجي تيار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جنهن وسيلي انساني ذهن ۾ ايندڙ سوچن کي لفظن ۾ بدلائي سگھجي ٿو.

پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب ميٽا طرفا تيار ڪيل ٽيڪنالاجي هر سوچ کي لفظن ۾ بدلائي سگھجندي، پر انهن خيالن کي لفظن ۾ بدلائڻ جي صلاحيت رکي ٿي جنهن تحت ڪو به انسان ڪجھه لکڻ يا چوڻ چاهيندو آهي.

ميٽا ان ٽيڪنالاجيءَ کي اڃا تائين ڪو مڪمل نالو نه ڏئي سگھي آهي ۽ هن وقت ان تي تحقيق جاري آهي پر ان ٽيڪنالاجيءَ کي في الحال ”برين ٽو ڪيورٽي“ چيو پيو وڃي.

ڄاڻايل ٽيڪنالاجي ڪجھه اهڙين شين تي ٻڌل آهي جن ۾ حجام جي دڪان تي موجود ڪرسي، اسڪينر، ڪئميرائون، الڪٽرانڪ انٽرنيٽ تارون ۽ ٻيون شيون ۽ اوزار پرزا شامل آهن ۽ ان ٽيڪنالاجيءَ کي انتهائي خاص ڪئميرائن ۽ اسڪينرن سان ڳنڍيو ويو آهي.

ان ٽيڪنالاجيءَ کي ٺاهڻ کان اڳ هڪ وسيع ۽ ايڊوانس اي آءِ ٻولي ماڊيول کي ترتيب ڏنو ويو هو.

ڪيترن ئي انسانن کي ڪرسيءَ تي ويهاري انهن کي ڪجھه نه ڪجھه لکڻ ۽ سوچڻ جي لاءِ چيو ويو، پوءِ اسڪينرز ۽ ڪئميرائن انسان جي دماغ ۾ ٿيندڙ لفظي خيالن کي ٽائيپ ڪرڻ جي لاءِ ٽائپنگ مشين جي طرف منتقل ڪيو.

ڄاڻايل ٽيڪالاجيءَ وسيلي انساني دماغ مان اليڪٽرو انٽرنيٽ تارون لاڳو ڪيون وينديون آهن، جنهن جون لهرون دماغ ۾ پيدا ٿيندڙ سوچن ۽ يالن کي ڪيچ ڪري اسڪينر، ڪئميرا يا ڪنهن اهڙي نظام طرف منتقل ڪنديون آهن جيڪي خيالن جي لهرن کي لفظن ۾ بدلائڻ جي صلاحيت رکندي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.