ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سموري ملڪ ۾ دوائن جي قيمتن م اضافو ٿيڻ کان سواءِ صحت جون ٻيون سهولتون به مهانگيون ڪيون ويون.
شماريات کاتي موجب جنوريءَ موجب صحت جون سهولتون 1.27 سيڪڙو تائين مهانگيون ڪيون ويون.
ميڊيڪل ٽيسٽ جي فيسن ۾ وڌيڪ 5.36 سيڪرو اضافو ڪيو ويو، سالياني بنياد تي ميڊيڪل ٽيسٽ 15.16 سيڪڙو تائين مهانگي ٿي.
دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنوري ۾ ڪلينڪ وڌيڪ 4.28 سيڪڙو، ڊينٽل سروسز 2.22 سيڪڙو ۽ سالياني بنيادن تي 26.16 سيڪڙو مهانگيون ٿيون.
جنوريءَ دوران اسپتال وڌيڪ 0.36 سيڪڙو تائين مهانگي ٿيڻ کان پوءِ گذريل هڪ سال دوران 13.09 سيڪڙو تائين مهانگي ٿي.
دساويزن موجب جنوريءَ دوران دوائن جي قيمتن ۾ 0.52 سيڪڙو تائين اضافو ڪيو ويو، هڪ سال دوران دوائون 17.48 سيڪڙو تائين مهانگيون ڪيون ويون.