تازہ ترین

اداڪارا ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد مڪي ۾ نڪاح پڙهائيندا

ڪراچي (شوبز ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد پري ويڊنگ تقريب ڪراچيءَ ۾ ملهائڻ کان پوءِ نڪاح جي لاءِ سعودي عرب ويندا.

شادي جي تقريبن جي شروعات دهلن سان ٿي جيڪا تقريب اداڪارا مومل شيخ پنهنجي گھر ۾ منقعد ڪرائي هئي ۽ ان تقريب ۾ علي رحمان، علي سفينه، حرا ترين، عر عالم، وجاهت، شازيه وجاهت، اشنا شاهه ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي.

شاديءَ کان پوءِ اسٽار جوڙي نڪاح سعودي عرب جي شهر مڪي ۾ پڙهائڻ لاءِ پرَ توري رهي آهي.

جيتوڻيڪ ڪبريٰ خان ۽ گوهر رشيد طرفان ان بابت ڪا به اپڊيٽ ناهي ڏني وئي پر مومل شيخ فوٽو انسٽاگرام تي اها ڳالهه شيئر ڪندي چيو آهي ته جوڙيءَ جو نڪاح مڪي شريف ۾ پڙهايو ويندو.

مومل شيخ طرفان شيئر ڪيل هڪ اسٽوريءَ ۾ اداڪارا مومل شيخ ۽ سندس مڙس جا پاسپورٽ ۽ ٽريولنگ ٽڪيٽ ڏسي سگھجي ٿي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.