اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ٿي.
درخواست گذارن جي وڪيل چيو ته بينچ طرفان ڀارت ۾ ڪورٽ مارشل خلاف اپيل جو حق ڏيڻ جو سوال هو. برطانيا ۾ ڪورٽ مارشل فوجي آفيسر نه، هاءِ ڪورٽ طرز تي مقرر جج ڪندا آهن.
جسٽس امين الدين خان رماڪس ڏنا ته اسان پنهنجو قانون ڏٺو آهي، برطانيا جو نه، اهو غير ضروري بحث آهي، اوهان وقت ضايع ڪري رهيا آهيو.
جسٽس مسرت هلالي چيو ته ٻڌڻي هيٺ اپيلن ۾ ڪالعدم ٿيل قلمن جي بحالي جي استدعا ڪئي وئي آهي، قانون جي شقن جو جائزو وٺڻو آهي ته عالمي قانونن کي به ڏسڻو پوندو.
وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته سويلينز جو ڪورٽ مارشل ڪنهن صورت ۾ به ممڪن ناهي.
جسٽس محمد علي مظهر چيو ته برطانوي قانون ته اُتان جي فوج جي ڊسيپلين بابت آهي، موجوده ڪيس ۾ ته ڏوهه عام شهرين ڪيو، اهو ان تي ڪيئن اپلاءِ ٿي سگهي ٿو؟
سلمان اڪرم راجا چيو ته برطانوي قانون جو مثال ٽرائل جي آزاد ۽ شفاف ٿيڻ کي نظر ۾ رکندي ڏنو.