واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا روس ۽ يوڪريني هم منصبن سان ٽيليفونڪ رابطا، روس – يوڪرين جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهيون.
ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ولاديمير پيوٽن وچ ۾ مستقبل ۾ ملاقات تي اتفاق ڪيو ويو.
ڪريملن موجب ولاديمير پيوٽن آمريڪي صدر کي روس اچڻ جي دعوت ڏني.
يوڪريني صدر ولاديمير زيلنڪسي پاران جلد امن جي اميد ظاهر.
ٽرمپ جو چوڻ آهي ته روسي صدر پيوٽن يوڪرين جنگ ختم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي.
پيوٽن سان ملاقات سعودي عرب ۾ ٿيندي، ملاقات دوران سعودي ولي عهد به موجود هوندو
هن کِل جوڳي جنگ کي روڪڻ جو وقت هاڻ وقت اچي ويو آهي.