تازہ ترین

ترڪ صدر جي وزيراعظم هائوس آمد، اسلام آباد جي رستن تي شاندار آجيان

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي وزيراعظم هائوس آمد، اسلام آباد جي رستن تي ترڪ صدر جو شاندار استقبال ڪيو ويو.

وزيراعظم هائوس پهچڻ تي شهباز شريف رجب طيب اردگان جي آجيان ڪئي، سندس اعزاز ۾ گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو.

ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا، پاڪ فضائيه پاران خصوصي فلاءِ پاسٽ پيش ڪيو ويو، ايف 16جهازن پاران مهمانن کي سلامي پيش ڪئي.

ترڪيه صدر وزيراعظم هائوس ۾ ٻوٽو پڻ پوکيو، وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته پاڪستاني قوم ترڪ صدر ۽ خاتون اول جي آمد جي آجيان ڪري ٿي.

رجب طيب اردگان ڏاهو سياسدان آهي، جنهن ترڪيه کي تبديل ڪيو، ترڪ صدر جي قيادت ۾ پاڪ ترڪ لاڳاپا سگهارا ٿي رهيا آهن، هو ترڪيه سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط لاڳاپن جا خواهشمند آهن.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.