تازہ ترین

ماڻهن کي ڏڦيڙ پکيڙڻ لاءِ ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ آفاق احمد گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مهاجر قومي موومينٽ جي چيئرمين آفاق احمد کي گرفتار ڪيو ويو، آءِ جي سنڌ آفاق احمد جي گرفتاريءَ جي تصديق ڪندي خابرو اداري کي ٻڌايو ته ڪالهه صبح ڪراچيءَ ۾ هيوي ٽرانسپورٽ کي باهه ۽ ماڻهن کي ڀڙڪائڻ جي الزام ۾ آفاق احمد کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هڪ پوليس آفيسر نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ميڊيا کي ٻڌايو ته لانڍي ۾ چند ماڻهن سامان کڻي ويندڙ هيوي ٽرانسپورٽ کي ”هاءِ جيڪ“ ڪيو هو، جنهن کي لانڍي ۾ واقع پارٽي آفيس نيو ويو ۽ صبح جو 7 وڳي ان کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. مهاجر قومي موومينٽ جي ترجمان موجب آفاق احمد کي ان جي رهائشگاهه ڊفيسن مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.