ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ لائبررين تان قبضا ختم ڪري فعال بڻائڻ جو حڪم، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مڪاني حڪومتن جي هٿ هيٺ صوبي جون 145 لائبرريون غير فعال ۽ سار سنڀال نه ٿيڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت حيدرآباد ۾ دائودپوٽا لائبرري جي ڪجھه حصي تي قبضو خالي نه ڪرائڻ بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي، ميرپورماٿيلو مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج تي ڊي سي ڪمپليڪس ٺاهڻ، ڏهرڪي جي لائبرري ۽ گورنمينٽ ڊگري بوائز ڪاليج ڏهرڪي بابت ڊي سي کان رپورٽ طلب ڪئي وئي، ايندڙ ٻڌڻي تائين سمورن ڊي سيز کي عدالتي حڪم تي عمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو.