تازہ ترین

ڪپل شرما ۽ سنيل گروور جو جھيڙو، ڪنهن کي ڪيترو نقصان ٿيو؟

ممبئي (شوبز ڊيسڪ) ڀارتي مشهور ڪاميڊين ڪپل شرما ۽ سنيل گروور ۾ ويڙهه هاڻ راز ناهي رهي، سنيل گروور ڪاميڊي شو ۾ پنهنجي ڪردار ڊاڪٽر مشهور گلاٽي ۽ گٿي جي لاءِ مشهور آهي، 2018ع ۾ ڪپل شرما جي سنيل گروور سان بدترين ويڙهه ٿي جنهن ٻنهي فنڪارن جون راهون هڪ ٻئي کان جدا ڪري ڇڏيون. ٻئي آسٽريليا ۾ شو ڪرڻ کان پوءِ واپس اچي رهيا هئا، انهن وچ ۾ ڏند چڪن کان پوءِ ڳالهه هٿين پوڻ تائين پهچي وئي، جنهن کان پوءِ سنيل ڪپل سان ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو. ڪپل ۽ سنيل 6 سالن تائين پاڻ ۾ نه ڳالهائيندا هئا پر هو گذريل سال نيٽ فلڪس جي پردي تي دي گريٽ انڊين ڪپل شو جي لاءِ ٻيهر گڏ ٿي ويا. هاڻ راجيو شڪلا سنيل جي غير موجودگيءَ جي ڪري ڪپل کي مالي نقصان جي خبرن تي رد عمل ڏيندي چيو ته جي اهو چيو وڃي ته سنيل شو جي جان هو ته اهو غلط نه ٿيندو. راجيو شڪلا ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته ڪير ناهي وڙهندو؟ جي هنن جي ويڙهه ايتري سنجيده هجي ها ته اڄ هو ڪيئن گڏجي شوٽنگ ڪري رهيا آهن؟ پئسو توهان کي گڏجي ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪري سگھي ٿو پر جي سيٽ تي ماحول جو مشاهدو ڪبو ته توهان ڏسندئو ته ڪپل ۽ سنيل حقيقي طور هڪ ٻئي جي ڪمپنيءَ مان لطف اندوز ٿيندا آهن. اداڪار چيو ته ان جھيڙي دوران ٻنهي اداڪارن کي ڪو مالي نقصان نه ٿيو.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.