لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز جي ٻين ميچ ۾ نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل جي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. لاهور ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلنڊ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، مقرر 50 اورن ۾ ڏکڻ آفريڪا خلاف 6 وڪيٽن جي نقصان تي 304 رنسون اسڪور ڪيون. نيوزيلينڊ 305 رنسن جو حدف 4 وڪيٽن جي نقصان تي 49 هين اوور ۾ پورو ڪري ورتو. ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا پهريان کيڏندي 50 اوور ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 304 رنسون اسڪور ڪيون. ڏکڻ آفريڪا طرفان ميچ ۾ ميٿيو برٽزڪي ڊيبيو ڪندي 150 رنسون ٺاهي ون ڊي ڪرڪيٽ جو نئون رڪارد جوڙيو، ان کان سواءِ ويان ملڊر 64 ۽جيسن اسمٿ 41 رنسون ٺاهيون.