تازہ ترین

لبيا ٻيڙي حادثي جي رپورٽ طلب، انساني اسمگلرن خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي: وزيراعظم

اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف لبيا ٻيڙي حادثي جي رپورٽ طلب ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر انساني اسمگلرن کي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي. هڪ بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته انساني اسمگلنگ جھڙي ڪُڌي عمل ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، ان بابت ڪنهن به قسم جي ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته انساني اسمگلنگ خلاف ڀرپور قدم کڻي رهيا آهيون، وزيراعظم لبيا ٻيڙي حادثي ۾ پاڪستانين جي مارجڻ تي افسوس جو اظهار پڻ ڪيو. وزيراعظم پرڏيهي وزارت کي مارجي ويندڙ پاڪستانين جي سڃاڻپ جلد مڪمل ڪرڻ ۽ متاثر ماڻهن ۽ سندن خاندانن کي هرامڪاني امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.