اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) جسٽس اظهر حسن رضوي رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته اڄ ڪلهه هنگامو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ فيشن بڻجي چڪو آهي، 9 مئي واقعن ۾ فوٽيج ٽي وي چئنلز تي به هلايا ويا، ڪور ڪمانڊرز هائوسز اندر داخل ٿي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي، هڪ گهر ۾ گهڙي ٽي وي اسڪينن تي ڏنڊا وسايا ويا، بنگلاديش ۾ به اهو ئي ڪجهه ٿيو، شام ۾ به ڦرلٽ ڪئي وئي، اهو ڪلچر بڻجي چڪو آهي، جسٽس اظهر حسن رضوي جا سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ فوجي ڪورٽ ۾ سويلين جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي دوران رمارڪس، وڪيل سلمان اڪرم راجا گذريل ٻڌڻي تي پيش نه ٿيڻ تي معذرت ڪري ڇڏي، جسٽس جمال مندوخيل رمارڪس ڏنا ته ڪنهن عام شهري جي گهر ۾ گهڙڻ به ڏوهه آهي، جسٽس نعيم اختر افغان چيو ته ملڪ ۾ 73 جو آئين ٺهيو، 18هين ترميم ۾ مارشل لا دورن جي سمورن قانونن جو جائزو ورتو ويو، جيڪو ڪم پارليامينٽ کي ڪرڻو آهي، اهو سپريم ڪورٽ کان ڇو ڪرائڻ چاهين ٿا، جيڪڏهن ڪو ملٽري آفيسر آيو ته جائزو وٺنداسين.