لاهور (اسپورٽس ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز ۾ نيوزيلنڊ پاڪستان کي هارائي ڇڏيو، قضافي اسٽيڊيم لاهوري ۾ کيڏيل ميچ ۾ نيوزيلينڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي پاڪستان ٽيم کي 331 رنسن جو حدف ڏنو ۽ ملڪي ٽيم 254 رنسون ٺائي آل آئوٽ ٿي وئي، گلين فلپس 106 رنسن جي بهترين اننگ کيڏي. نيوزيلينڊ جي پهرين وڪيٽ 4 جي اسڪور تي ڪري پر پوءِ ايندڙ نيوزيلينڊ جي بيٽسمينن بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ 6 رانديگرن جي نقصان تي 330 رنسون ٺاهيون. پاڪستاني بالر شاهين آفريدي 2، نسيم شاهه ابرار احمد ۽ خوشدل شاهه هڪ هڪ مخالف رانديگر کي آئوٽ ڪيو، پاڪستاني بيٽنگ شروعات ئي سٺي نه رهي، فخر زمان ۽ بابر اعطم ميدان تي لٿا، ٻنهي رانديگرن گڏجي 57 رنسن جي پارٽنر شپ کيڏي، پر بابراعطم 57 جي گڏيل اسڪور تي صرف 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.اوپنر فخر زمان 84 رنسن جي اننگ کيڏي ان کان پوءِ ڪو به بيٽسمين ڪريز تي ڄمي بيهي نه سگھيو اهڙيءَ ريت نيوزيلينڊ پاڪستان کي پهرين ميچ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي.