تازہ ترین

نفرت جي سياست کي هميشه لاءِ دفن ڪرڻو پوندو: سعيد غني

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صوبائي وزير سعيد غنيءَ چيو آهي ته نفرت جي سياست کي هميشه لاءِ دفن ڪرڻو پوندو، رڳو پيپلزپارٽي ئي عوامي مسئلا حل ڪري سگهي ٿي. پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته ڪراچيءَ جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو آهي، سنڌ حڪومت عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ  قدم کڻي رهي آهي، ڪراچي جي مسئلن کي ترجيح بنيادن تي حل ڪيو پيو وڃي.  هن چيو ته اسان کي نفرت ۽ ورڇ واري سياست مان نڪرڻو پوندو، نفرت ۽ ورڇ واري سياست سان ملڪ کي نقصان پهتو، اسان بنا فرق جي عوام جا مسئلا حل ڪيا آهن. سعيد غنيءَ جو وڌيڪ چوڻ هو ته شهيد ذوالفقار ڀٽو رڳو سنڌ نه پر سڄي ملڪ جو ليڊر هو، سنڌ حڪومت قبرستانن لاءِ زمينن جي نشاندهي ڪئي آهي، پيپلزپارٽي ڪڏهن به نفرت اوري سياست ناهي ڪئي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.