اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي جو ٽيليفونڪ رابطو، وچ ۾ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ، غزا ۾ فلسطينين کي پيش ايندڙ ڏکيائين تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب نائب وزيراعظم غزا جي ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ واري تجويز کي ڳڻتي جوڳي قرار ڏئي ڇڏيو.