راولپنڊي (نيشنل ڊيسڪ) دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت 31 ڪيسن جي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ بشريٰ بي بيءَ جي درخواست قبولي ورتي. راولپنڊيءَ جي دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت جي جج امجد علي شاهه اڊيالا جيل ۾ بشريٰ بي بي تي 26 نومبر کان پوءِ داخل 31 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران باني پي ٽي آءِ جي گھر واري کي عدالتي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو جنهن دوران 31 ڪيسن جي جاچ آفيسر به عدالت ۾ پيش ٿيو. ٻڌڻيءَ دوران بشريٰ بي بي عدالت کي چيو ته جاچ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ باني پي ٽي آءِ جي وڪيل سان صلاح مشورو ڪرڻو آهي، مشاورت کان پوءِ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ تيار آهيان. مڙس ۽ وڪيل سان اڄ ملاقات ڪرائي وڃي ته اڄ ئي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ تيار آهيان. بشريٰ بي بي باني پي ٽي آءِ جي موجودگيءَ ۾ جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي به عدالت کان درخواست ڪئي جنهن تي عدالت ايس او پيز موجب بشريٰ بي بي جي باني پي ٽي آءِ ۽ وڪيل سان ملاقات جو حڪم ڏئي ڇڏيو. بعد ۾ دهشتگرديءَ جي انت واري عدالت بشريٰ بي بي جي 31 ڪيسن جي ٻڌڻي 7 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.