اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پاڪستان هلندڙ مالي سال جي پهرين 6 مهينن دوران آءِ ايم ايف جا وڏا شرط پورا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، خزاني واري وزارت طرفان موجوده مالي سال جي پهرين 6 مهينن جي خرچن ۽ آمدني جا تفصيل جاري ڪيا ويا، جن موجب پاڪستان پهرين 6 مهينن ۾ آءِ ايم ايف جا وڏا شرط پورا ڪرڻ ۾ ڪاياب ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب 2900 ارب رپين جي حدف جي مقابلي پرائمري سرپلس 3600 ارب رپين تائين پهچي ويو، چئني صوبن 750 ارب حدف جي مقابلي ۾ 776 ارب سرپلس بجيٽ ڏني، صوبن 367 ارب روينيو حدف جي مقابلي 442 ارب ٽئڪس جمع ڪرايو. خزاني واري وزارت موجب 6 مهينن ۾ آيف بي آر کي ٽئڪس روينيو ۾ 384 ارب شارٽ فال سان منهن ڏيڻو پيو، 6009 ارب هدف جي مقابلي ۾ 5624 ارب رپيا ٽئڪس جمع ڪيو ويو، پر زرعي آمدني تي ٽئڪس تي عمل درآمد سان روينيو ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.