حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ وڪيلن جو مطالبو منظور ڪري ايس ايس پي فرخ لنجار موڪل تي روانو ڪيو ويو، وڪيلن باءِ پاس تي ٽن ڏينهن کان لڳايل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ لنجار کي ذاتي مصروفيتون ڄاڻائي موڪل ڏئي هٽايو ويو، نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو، ايس ايس پي حيدرآباد جي چارج ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان حوالي ڪئي وئي، قومي شاهراهه تي وڪيلن جو ٽن ڏينهن کان هلندڙ احتجاج ختم ٿيڻ بعد ٽريفڪ بحال ٿي وئي.
Related posts



صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف پاران ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت
February 14, 2025

