لاهور (نيشنل ڊيسڪ) پي سي بي چيئرمين محسن نقويءَ چيو آهي ته قذافي اسٽيڊيم جي تعمير ۾ حصو وٺندڙن جو تمام گھڻو ٿورائتو آهيان، اڄ جو ڏينهن پاڪستان لاءِ خوشي ۽ فخر جو ڏينهن آهي، قضافي اسٽيڊيم جي تعمير واري تقريب کي خطاب ڪندي محسن نقويءَ جو چوڻ هو ته پي سي بي عملدارن ڏينهن رات ڪم ڪري اسٽيڊيم مڪمل ڪيو، ورڪرن ڏاوتي ڪم مڪمل ڪرڻ لاءِ 14-14 ڪلاڪ ڪم ڪيو، ماڻهو مبارڪون پيا ڏين ته گهٽ وقت ۾ اسٽيڊيم جو ڪم مڪمل ڪيو.