تازہ ترین

سنڌ ٽرانسپورٽ کاتي روڊ چيڪنگ مهم لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي روڊ چيڪنگ مهم لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي، سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته روڊن تي شهرين جو تحفظ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. سنڌ سرڪار صوبي ۾ روڊن جي حفاظت وارن قانونن تي عملدرآمد لاءِ روڊ چيڪنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي، هيءَ ڪميٽي موٽر وهيڪل قانون 1965ع ۽ روڊ سيفٽي ايڪٽ 1985ع تحت قائم ڪئي وئي. ڪميٽي موٽر وهيڪل آرڊيننس 1965ع ۽ موٽر وهيڪل رولز 1969ع تحت واپاري گاڏين، ڊمپرز ۽ واٽر ٽينڪرن جي نگراني ڪندي. ڪميٽي جي صدارت سيڪريٽري صوبائي ٽرانسپورٽ اٿارٽي سنڌ ڪندو. سيڪريٽري ريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي ڪراچي ۽ ٽريفڪ پوليس جا نمائندا ۽ ايم وي آءِ ونگ سنڌ حڪومت جا ٽي موٽر وهيڪل انسپيڪٽر  به ڪميٽي ۾ شامل هوندا. اوور لوڊنگ، اوور اسپيڊنگ ۽ ٽريفڪ جي ٻين قانوني ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ خاص روڊن تي چيڪنگ ڪرڻ ڪميٽي جون ذميواريون هونديون،  سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته روڊن تي شهرين جي حفاظت سنڌ سرڪار جي پهرين اوليت آهي، حڪومت جو مقصد ٽريفڪ قانونن تي سخت عمل ڪرائي روڊن کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ آهي.

سنڌ

پاڪستان

جلد اچي رهيو آهي

دھرتي ٽي وي نيٽ ورڪ سنڌي ٻولي جو انفوٽينمينٽ سيٽلائيٽ ٽي وي چينل آهي. Dharti TV نيٽ ورڪ هڪ مڪمل ميڊيا هائوس آهي ڇاڪاڻ ته ان جي اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل پليٽ فارمن جي ڪري. ڌرتي ٽي وي نيٽ ورڪ هڪ ذميوار ميڊيا هائوس آهي ۽ هميشه عوام نواز ۽ حب الوطني جي قدرن ۽ آوازن کي فروغ ڏنو آهي، سماج جي مختلف مذهبي ۽ لساني گروهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ ڀائيچاري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ.

© 2025 Dharti Tv Network. Designed By Amal Tech.