واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ) ڊونلڊ ٽرمپ عالمي فوجداري عدالت تي پابندي لڳائڻ جي صدارتي حڪم تي صحيح ڪري ڇڏي، آمريڪي صدر چيو آهي ته عالمي فوجداري عدالت آمريڪا ۽ اسرائيل کي غير منصفاڻي طور تي نشانو بڻايو ۽ نيتن ياهو جو وارنٽ جاري ڪري پنهنجي اختيار جو غلط استعمال ڪيو، وائيٽ هائوس جي ترجمان موجب، عالمي فوجداري عدالت جي آفيسرن، ملازمن ۽ سندن خاندانن جا اثاثا منجمد ڪيا ويا، سفري پابندي به لاڳو ڪئي ويئي آهي.