تل ابيب (انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪا کان پوءِ اسرائيل جو به گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل ڇڏڻ جو فيصلو، اسرائيلي پرڏيهي وزير گيڊيئن سار چيو آهي ته آمريڪا جيان اسرائيل به انساني حقن واري ڪائونسل تان هٿ کڻي رهيو آهي، تعصباڻي رويي سبب اسرائيل ڪائونسل مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هاڻي اسرائيل گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو.