حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ وڪيلن جو ايس ايس پي فرخ لنجار خلاف ڪالهه کان قومي شاهراهه تي ڌرڻو جاري، ايس ايس پي کي ھٽائڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان، وڪيلن سڄي رات باءِ پاس تي ويهي گذاري، ڌرڻي سبب قومي شاهراهه جا ٻئي پاسا بند رهيا، گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، مسافر پريشان، حيدرآباد جي وڪيلن جي حمايت ۾ سٽي ڪورٽ ڪراچي، ملير، ڪوٽڙي، گمبٽ ۽ اوٻاوڙي ۾ عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، گمبٽ ۾ وڪيلن جو احتجاجي مظاهرو، اوٻاڙي ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻي سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي.