پينسلوينيا (انٽريسٽنگ ڊيسڪ) هونئن ته چور ڪا به شيءِ چورائي سگھن ٿا پر ٻڌيو آهي ته چور هزارين بيدا به چورائي ويا. وچ پينسلوينيا ۾ اهڙو واقعو پيش آيو، آمريڪا ۾ اڄ ڪلهه برڊ فلو جي ڦهلاءِ ۽ بيدن جي قيمتن ۾ واڌ رڪارڊ سطح تي پهچي چڪي آهي ۽ بيدا اڄ ڪلهه آمريڪا ۾ تمام گھڻا قيمتي ۽ اڻلڀ ٿي ويا آهن، عملدارن موجب چوري ڪيل بيدن جي ماليت 40 هزار ڊالر جي ويجھو آهي اهي فينڪلن ڪائونٽي مان چورايا ويا. هي آنا هڪ ڪمپنيءَ جي فارم جا هئا ۽ ان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته چوريءَ جي رپورٽ داخل ڪرائي وئي آهي ۽ مقامي عملدار ان ڪيس ۾ ساڻن سهڪار به ڪري رهيا آهن. پوليس عملدارن موجب معاملي کي سنجيدگيءَ سان وٺي رهيا آهيون ۽ ان معاملي کي جلد حل ڪرڻ چاهيون ٿا.