ممبئي (انٽرنيشل ڊيسڪ) گذريل ڏينهن آمريڪا ۾ غير قانوني طور رهندڙ 100 کان وڌيڪ ڀارتي شهرين کي ملڪ بدر ڪيو ويو جن مان ڪجھه ڀارتي شهرين ڏيهه پهچڻ تي ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا. پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪا مان 104 غير قانوني رهندڙ ڀارتين کي ڏيهه نيڪالي ڏني وئي جنهن ۾ 19 عورتن ۽ 13 ٻارڙا به شامل آهن. آمريڪا مان ملڪ بدر ڪيل ڀارتين کي گذريل ڏينهن امرتسر پهچايو ويو، رپورٽن موجب آمريڪا مان ڏيهه نيڪالي مليل ڀارتين انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته کين فوجي جهاز وسيلي آندو ويو ۽ سڄي مسافريءَ دوران سندن هٿ ۽ پير ٻڌا ويا. گرداسپور سان تعلق رکندڙ نوجوان جسپال سنگھه ٻڌايو ته سندس هٿ امرتسر ۾ جهاز لينڊ ٿيڻ کان پوءِ کوليا ويا. جسپال سنگھه جو چوڻ هو ته اسان کي ڪنهن ٻي ڪئمپ منتقل ڪيو پي ويو پر جهاز ۾ اسان سڀني جا هٿ پير ٻڌي اسان کي ٻڌايو ويو ته توهان کي ڀارت منتقل ڪيو پيو وڃي. ان کان اڳ اسان 11 ڏينهن تائين آمريڪي عملدارن جي تحويل ۾ هئاسين، اسان کي 24 جنوري تيءَ آمريڪا جي بارڊر پيٽرول فورس ميڪسيڪو جي سرحد ويجھو 24 جنوريءَ تي گرفتار ڪيو هو. آمريڪا مان ڏيهه نيڪالي ملندڙ هڪ ٻئي ڀارتي شهري هرويندر سنگھه ٻڌايو ته اسان کي ميڪسيڪو پهچائڻ کان اڳ قطر، پيرو، ڪولمبيا، پاناما ۽ نڪاراگو نيو ويو، ميڪسيڪو ۾ اسان کي جبلن تان سفر ڪرايو ويو، سمنڊ ۾ ٻيڙيءَ تي ويهاري سفر ڪرايو ويو. هڪ موقعي تي اسان جي ٻيڙي اونڌي ٿي پئي پر اسان جون جانيون بچي ويون.