اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان چيو آهي ته غيرقانوني طور ترسيل افغان شهرين جي واپسي غيرقانوني ناهي، افغانين جي واپسي لاءِ سمورن ملڪن سان رابطي ۾ آهيون، اسان افغانين جي ٽئين ملڪ منتقلي جي حوالي سان به لاڳاپيل ملڪن سان رابطي ۾ آهيون، پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان جي هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان هميشه فلسطينين جي حمايت ڪئي آهي، پاڪستان غزا ۾ مڪمل طور جنگبندي جو مطالبو ڪري ٿو.