اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) جسٽس منصور علي شاهه چيو آهي ته ماحولياتي مسئلن بابت عدالتن جو قيام ضروري قرار، ماحولياتي انصاف لاءِ فوري قدم کڻڻ ضروري آهن، ترت ماحولياتي مسئلن کي حل ڪرڻو پوندو، شهرن ۾ آبادين جي رٿابندي بهتر ڪرڻي پوندي، عالمي ماحولياتي ڪانفرنس کي خطاب ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته ماحولياتي تبديلين سبب پاڪستان گهڻو متاثر ٿيو، ماحولياتي فنڊ جي قيام بعد متاثرن ملڪن جي مدد ضروري آهي، ماحولياتي چئلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ جي حوالي سان قدم کنيا پيا وڃن.