اسلام آباد (نيشنل ڊيسڪ) حمزه شهباز جي وڏ وزارت واري ڪيس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي ٻيهر نوٽيس جاري، سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جسٽس محمد علي مظهر پڇاڻو ڪيو ته ڇا هن ڪيس ۾ ڪجهه بچيو آهي؟ آرٽيڪل 63 اَي تحت فيصلو رد ڪيو ويو آهي، ايڊووڪيٽ حارث عظمت چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ ڪيس جو فيصلو اڃا تائين برقرار آهي، عدالتي عملي ٻڌايو ته پرويز الاهي کي نوٽيس جاري ڪيو ويو هو پر هن ان تي عمل نه ڪيو.